چوهڙ جمالي

چوهڙ جمالي: چوهڙ جمالي ٺٽي ضلعي جي تعلقي شاهبندر ۾ هڪ وڏو شهر شمار ڪيو وڃي ٿو. شاهبندر شهر جي ڦِٽڻ کانپوءِ اتان جا گھڻا ماڻهو، واپاري ۽ هنرمند لڏي چوهڙ جماليءَ ۾ اچي آباد ٿيا. هن وقت پنجن هزارن کان وڌيڪ آباديءَ وارو شهر آهي. هتي چانورن ۽ گيهه جو واپار هلندو آهي. هن شهر کي يونين ڪائونسل جو درجو مليل آهي. هتي پهريائين 1904ع ۾ پرائمري اسڪول قائم ٿيو، ان کانپوءِ هن وقت گرلس مڊل اسڪول ۽ بوائز هاءِ اسڪول قائم آهن. ويهين صديءَ جي شروعات ۾ هتي سدائين ٻوڏ جو ڊپ رهندو هو. هتان ستاهه واهه، درياهه مان نڪري، 35 ميل کن علائقي کي سيراب ڪندو، سير پکار ذريعي سمنڊ ۾ پوندو هو. سکر بئراج کانپوءِ هن طرف پاڻي گھٽ اچي ٿو. جنهنڪري ستاهه واهه جو پيٽ مس ٿو ڀرجي. چوهڙ جماليءَ ڀرسان مشهور درويش اڀن شاهه جي نالي سان ٽڪر آهن، جن مان هڪڙي ٽڪر تي اڀن شاهه جي تربت به اڏيل آهي. ان کان علاوه ٽڪر تي ڪيهرن ڄامن جا به قبا موجود آهن.
هن شهر جو مشهور اديب ۽ سنڌي ٻوليءَ جو وڏو نقاد هيرو شيوڪاڻي، الهاس نگر (ڀارت) ۾ رهي ٿو. هن وقت جو هاڪارو اديب حافظ حبيب سنڌي چوهڙ جماليءَ ۾ رهي ٿو.


لفظ چوهڙ جماليھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو